جي ايم سيد (ڪتاب)2

جي ايم سيد (ڪتاب)2

جي ايم سيد (ڪتاب)2

جي. ايم. سيد (ڪتاب)2: سنڌ جي قومي سياست جي رهبر، جي. ايم. سيد بابت هي ڪتاب، سندس فڪر جي پرچارڪ، دانشور ۽ نامياري سياستدان عـبـدالـواحـد آريـسـر جـو لکيل آهي. ڪتاب ۾ پيش لفظ ليکڪ جي ساٿـي مير مولابخش لغاريءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن عبدالواحد آريسر سان واقفيت، جيل ۾ رفاقت ۽ جيل ۾ لکيل هن ڪتاب جو پسمنظر بيان ڪيو آهي. عبدالواحد آريسر هن ڪتاب کي 11 ننڍن بابن ۾ ورهايو آهي، پر بابن جا عنوان نه پر نمبر ڏنا ويا آهن.
عبدالواحد آريسر ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد جي اڏولتا، شخصيت، ڪردار، سنڌي ادب ۾ حب الوطني جي پرچار، شاهه لطيف جي قومي شاعر طور دريافت، سنڌ جي تاريخ کي جديد نظر سان ڏسندڙ شخص، جي. ايم. سيد ۽ تصوف، بزم صوفياء سنڌ جي ڪردار، سيد جي سياست جي تجزيي، اصولن جي پابندي، قومي تحريڪ جي منزل ۽ سيد جي مختلف سياستدانن سان ڀيٽ وغيره جا موضوع بيان ڪيا آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1976ع ۾ داد شهيد پبليڪيشن منظورآباد، ٻيو ڇاپو سنڌو پبليڪيشن حيدرآباد پاران 1988ع ۾ رکيل مورائيءَ ڇپايو. هن ڇاپي، ڊيمي سائيز جي 188 صفحن جي قيمت 30 روپيا آهي. ان کان پوءِ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد جي مالڪ ناز سنائيءَ هن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا ڇپايا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو